طلعت اقبال

طلعت اقبال

طلعت اقبال

طلعت اقبال: ٽي وي، فلم ۽ ريڊيو پاڪستان جو سينئر اداڪار طلعت اقبال پھرين ڊسمبر 1950ع تي عبدالحميد جي گھر ڪراچيءَ ۾ جنم ورتو. ڪراچي يونيورسٽي مان گريجوئيشن ڪئي. عملي زندگيءَ جي شروعات ڪاليج دوران 1968ع ۾ ريڊيو پاڪستان تي ميزبان طور ڪئي. ان کانپوءِ ساڳئي سال ٽي وي شو ’انسان اور آدمي‘ ۾ مختصر ڪردار ڪرڻ کانپوءِ پي ٽي وي جي ڊرامي ’سائبان‘ ۾ مرڪزي ڪردار ڪيو. 1976ع ۾ پھرين فلم ’انوکھي‘ ۾ اداڪارا شبنم سان گڏ ڪم ڪيو. سندس ٻين مشھور ڊرامن ۽ فلمن ۾: ’آگ اور آنسو‘ (فلم)، ’شولے پہ شولا‘ (فلم)، ’آگ اور زندگی‘ (فلم)، ’اب دیکھ خدا کیا کرتا ہے‘ (ڊرامو)، ’کیف بہاراں‘ (ڊرامو)، ’شکست آرزو‘ (ڊرامو) ۽ ٻيا شامل آھن. سندس فن جي مڃتا طور کيس نگار اوارد (1983ع) مليو. سندس شادي اداڪارا سُمبل سان ٿي، جنھن 2014ع ۾ ڪينسر سبب آمريڪا ۾ وفات ڪئي. طلعت اقبال 1999ع ۾ پاڪستان مان لڏي آمريڪا ھليو ويو، جتي 24 سيپٽمبر 2021ع تي ڪرو نا سبب وفات ڪئي


لفظ طلعت اقبالھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1950.12.01  عيسوي

ٽي وي، فلم ۽ ريڊيو پاڪستان جو سينئر اداڪار طلعت اقبال پھرين ڊسمبر 1950ع تي عبدالحميد جي گھر ڪراچيءَ ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اشرف علي سمون
جارج برنارڊشا
اسماعيل تارا
محمدعثمان سومرو
ڄام محمد عرف انڙ
سمر سجوڙو
ڀٽ برڌ واگهه
ڌاريجو منصور خان
ديبلي علي بن موسيٰ
ضياء الدين احمد سيد
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون